SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


يورپي اتحاد


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


يورپي اتحاد

European Union

يورپين يونين

1994ع ۾ ”يورپين ڪميونٽي“ نالي تنظيم کي ”يورپين يونين“ جو نالو ڏنو ويو. هيءُ اتحاد حقيقت ۾ ٽن يورپي تنظيمن: 1. گڏيل يورپي پڙي 2. ڪوئلي ۽ رُڪ جي يورپي برادري 3. يورپ جي ائٽمي سگهه واري برادري جو مجموعو آهي. هن تنظيم جو بنيادي مقصد يورپي معيشت کي سگهارو ڪرڻ، اتان جي سماجي حالتون سڌارڻ ۽ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سياسي اتحاد مضبوط ڪرڻ آهي. 1999ع تائين ان جا 22 ميمبر هئا. هينئر ان جا 27 ميمبر آسٽريا، بيلجم، قبرص، چيڪ رعيتي راڄ، ڊينمارڪ، ايسٽونيا، فنلئنڊ، فرانس، جرمني، يونان، هنگري، آئرلئنڊ، اٽلي، لٽويا، لٿوانيا، لڪسمبرگ، مالٽا، هالئنڊ، پولئنڊ، پورچوگال، رومانيا، سلووينيا ، سلاويڪ رعيتي راڄ، سلوانيا، اسپين، سويڊن ۽ برطانيا آهن. انهن ملڪن جا 50 ڪروڙ رهواسي هن تنظيم جي ڪنڍيءَ ۾ پوتل آهن. دُنيا جي مجموعي پيداوار جو %21.3 هي ملڪ پيدا ڪن ٿا. هن تنظيم معياري قانون جوڙي يورپ جي هڪ پِڙي ۽ هڪ سياسي موقف جوڙڻ ۾ مدد ڏني آهي. تنظيم جي سياسي قيادت هن جي ئي جوڙيل اداري ”يورپين ڪائونسل“منجهان کنئي وڃي ٿي ۽ ميمبر ملڪن جي ڪنهن نه ڪنهن سياستدان کي سربراهه طور چونڊيو وڃي ٿو. 25 نومبر 2009ع تي بيلجيم جي وزيراعظم ’هرمن وان رومپوئي‘ کي يونين جو صدر چونڊيو ويو آهي. هن تنظيم جو مرڪز بروسيلز ۾ قائم ٿيل آهي. هيءُ ادارو 1993ع ۾ ”ماسترت معاهدي“ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو .


Remember Me Also:

ٽپال

ث. پوسٽ آفيس جي ذريعي آيل يا موڪليل خطُ يا پارسل وغيره. پوسٽ ُost ، ڊاڪَ ، خَطُ پَٽُ. ڊوڙ. گهوڙي جي چال جو هڪ انداز.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal